SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


چوٿين دنيا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


چوٿين دنيا

Fourth World

فورٿ ورلڊ

دنيا ۾ تمام ٿوري ترقي ڪيل ملڪن کي ڪن مفڪرن طرفان ”چوٿين دنيا“ جي اصطلاح ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. انهيءَ دنيا جي ملڪ ۾ هڪ فرد جي ڪُل سالياني آمدني، پڙهائيءَ جي شرح ۽ پيداواري ترقيءَ جي سطح تمام گهٽ هوندي آهي. جاگرافيائي طرح چوٿين دنيا جا گهڻا ملڪ ايشيا ۽ آفريقا ۾ آهن. وچ اوڀر، لاطيني آمريڪا توڙي آفريقا جا مُلڪ جهڙوڪ سوڊان، ماريطانيا، موزمبيق ۽ بروندي وغيره ۽ ايشيا ۾ افغانستان ۽ بنگلاديش وغيره چوٿين دنيا جي ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. چوٿين دنيا جو اشارو سياسي طرح غلام ٿيل اُنهن قومن ڏانهن به هوندو آهي، جيڪي ٻانهن جون به ٻانهيون بڻجي رهڻ تي مجبور هوندا آهن. انهيءَ سوچ جو وڏو وڪيل جڳ مشهور عالم ’فرانز فينن‘ کي سمجهو وڃي ٿو. يورپي مفڪرن تيل پيدا ڪندڙ اهڙن ملڪن کي به ”چوٿين دنيا“ سان ڀيٽيو آهي، جيڪي فني ۽ هُنري لحاظ کان پوئتي پيل هُئڻ ڪري، پنهنجن وسيلن جا حقيقي مالڪ نه آهن ۽ سندن وسيلا مختلف گهڻ- قومي ڪارپوريشنن جي قبضي ۾ هليا ويا آهن. ان کان علاوه اُهي قومون جن وٽ ٻيا وسيلا ته هوندا آهن، پر سياسي خومختياري جو حق نه هوندو آهي، تن کي به هن اصطلاح ذريعي بيان ڪيو ويندو آهي. ڪُرد ۽ ٻيون قومون ان جو مثال آهن


Remember Me Also:

هنگلاج

هِنگِلاجُ

اسم خاص. بلوچستان جي جبل ۾ هڪ مڪان جو نالو، ناٿ پنٿي هَٽ يوگين جو آستان، جاترا جو ماڳ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal